رميش مهتا

رميش مهتا

رميش مهتا

رميش مهتا: مشهور ڀارتي سنڌي اداڪار، ڊائريڪٽر ۽ ليکڪ، رميـش اتـمـچـند مهتا جو جنم، 18 مئي 1929ع تي ڪراچيءَ سنڌ ۾ ٿيو. ورهاڱي بعد هندستان هليو ويو. کيس ننڍپڻ کان ئي اداڪاريءَ جو شوق هو. هن ڪيترن مشهور ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي ۽ ڪيترا ڊراما به لکيا. رميش مهتا پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر به رهيو.
سندس مشهور سنڌي ڊرامن ۾: ’لنگڙو ڊاڪٽر‘ (1950ع)، ’بمبئي بينڊ‘ (1956ع)، ’ڊاڪٽر مان ڪين تون‘ (1957ع) ۽ ’ملي وئي نوڪري‘ (1960ع) شامل آهن. هو هڪ اداڪار، هدايتڪار، پروڊيوسر کان سواءِ سٺو فنڪار به هو.
سندس ڳايل گيت ’پکيئڙا پڃري جا‘ ڪافي مقبوليت ماڻي. کيس مڃتا طور ڪيترا اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ مليا، جن ۾ ’انسان ۽ آتما‘ تي بهترين اداڪار اوارڊ (1969ع)، ’گهر جمائي‘ تي بهترين اداڪار اوارڊ (1972ع)، ’هاءِ منهنجي دل‘ تي مزاحيه اداڪار اوارڊ (1975ع)، ’ڪاڪو ڪلو مل‘ تي بهترين اداڪار اوارڊ (1985ع) ۽ ڊرامن کي هٿي ڏيارڻ تي سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا'>اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا طرفان اوارڊ (2002ع) شامل آهن.


لفظ رميش مهتاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.05.18  عيسوي

مشهور ڀارتي سنڌي اداڪار، ڊائريڪٽر ۽ ليکڪ، رميـش اتـمـچـند مهتا جو جنم، 18 مئي 1929ع تي ڪراچيءَ سنڌ ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پيرل فقير خوشدل ستاري
شهريار خان مهر
امداد حيدر سولنگي
صمد شيخ
پاٽينجر هينري
ڄام تماچي انڙ
پير ميان غلام مجدد
بولچند تيرٿداس نارواڻي
خانچند درياڻي
چانڊورام سَنت
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون